اعجاز علي خان ٽالپر

سياستدان، ويٺل شهر ٽنڊومحمد خان، فيبروري 1933ع ۾ سنڌ جي مشهور سياستدان مير غلام علي خان -ٽالپر- جي گهر ۾ ڄائو. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان زراعت ۾ ڊپلوما ڪيائين ۽ نوجوانيءَ ۾ ئي پنهنجي اباڻي علائقي مان سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. 1954ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو وائيس چيئرمئن چونڊيو. -ايوب خان- جي مارشل لا ۾ يونين ڪائونسلن جو سلسلو هليو ته پنهنجي شهر ٽنڊي محمد خان جو وائيس چيئرمئن چونڊيو. 1962ع ۾ پنهنجي والد جي وفات تي قومي اسيمبليءَ ۾ خالي ٿيل سيٽ تي ميمبر منتخب ٿيو. 1963ع ۾ عوامي جمهوريه چين جي -انقلاب- واري ڏهاڙي تي پاڪستاني وفد ۾ شامل ٿي ويو. 1965ع ۾ -پاڪستان مسلم ليگ- جي -ٽڪيٽ- تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ممتاز -ڀٽي- جي وزارت ۾ آبپاشيءَ ۽ بجليءَ جو وزير رهيو. 1977ع جي عام چونڊن ۾ -پاڪستان- پيپلزپارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1985ع وارين چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ مسلم ليگ جي حڪومت ۾ صوبائي وزير رهيو.[1]

حوالا سنواريو