اس ۽ ڇانو راند ٻارن جي راند آھي، هيءَ راند بہ ڇوڪريون جدا بہ ڪن، تہ ڇوڪرن سان گڏجي بہ کيڏن، ڏينھن جو شام جي مھل هوندي تہ اُس ۽ ڇانوَ راند ۾ ٻيئي ڪم آڻين، پر رات جو وري چانڊوڪي ۽ اونداهيءَ کي اُس ڇانوَ چون. هڪ ٻار آڳ ڏيندو. ٻيا ٻار اونداهيءَ ۾ بيھندا، جيڪو اُس ۾ آيو تہ ان کي ڊوڙي ڌڪ هڻي کاپائيندو، جيڪو کاتو سو وري آڳ ڏيندو.[1]