احسن الھاشمي سنڌي غزل جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي، سندس اصل نالو سيد حسن علي شاھ ولد مٺن شاھ هو ۽ پاڻ مٽياروي سيدن جي اجناڻي پاڙي مان آهي، جن جي نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام سان ملي ٿو. 23 سيپٽمبر 1923ع تي حيدرآباد شھر جي ٽنڊي مير نورمحمد، لڳ گدو بندر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گدوبندر پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، ان کان پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، اوريئنٽل ڪاليج امرتسر ۽ درسگاھ ’عالم نزاد جاشڪ‘ ايران ۾ حاصل ڪيائين.

شاعريءَ ۾ اول وڏي ڀاءُ سيد حيدرشاھ ’حيدر‘ سندس رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ طالب الموليٰ جي صحبت، رفاقت ۽ همت افزائي ساڻس شامل حال رهي. سندس شاعري اعليٰ پايي جي آهي. 43- 1942ع واري دور ۾ پھريائين خاڪسار تحريڪ ۽ پوءِ مسلم ليگ حيدرآباد شھر جي نئشنل گارڊ جو سالار اعليٰ رهيو. شاھ لطيف جو وڏو پارکو هو.

آخري وقت شاعريءَ جو شغل گهٽ، زمينداريءَ ڏانهن زياده لاڙو رکيائين، سندس ڪلام جو وڏو حصو ضايع ٿي ويو. ڪجهہ ڪلام هِتان هُتان هٿ ڪري تاج جويي ”سُڪل وڻ صحرا جو“ عنوان سان ترتيب ڏنو. پٽن جي غيرطبعي موت جي صدمي کيس ضعيف ۽ هيڻو ڪري ڇڏيو. آخر ۾ اکين کان بہ وڏو ٿي ويو. دل جي باءِ پاس بہ ڪرايائين. 24 جنوري 2007ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا سنواريو