اترادي لهجو

سنڌي لهجو

اترادي لھجو (Upper Sindh Dialect) سنڌي ٻوليءَ جي ’سري‘ (اُتر) واري لھجي کي چئبو آهي. سنڌ جو اتر وارو پاسو سنڌو نديءَ جي اڀرندي حصي ۾ خيرپور کان اوٻاڙي تعلقي جي آخري حد تائين ۽ سيوهڻ/دادو کان لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن جي آخر تائين آهي، جنھن کي ’سرو‘ سڏجي ٿو ۽ اتان جي ٻوليءَ جو لھجو، لسانيات جي ماهرن ’اترادي لھجو‘ يا ’سريلي‘ لھجو سڏيو آهي. هن لھجي ۾ ڪي اچار ۽ گرامر جون خاص ڳالھيون ٻين لھجن کان منفرد آهن. هن لھجي تي سَرس دنگئي زبانن بلوچي ۽ سرائڪي زبانن جو اثر پيل آهي. هن لھجي ۾ معياري لھجي کان جيڪي ڳالھيون مختلف آهن انهن ۾ ضمير متڪلم لاءِ ’مان‘ جو استعمال، لفظ جي فاعلي مفعولي، جري ۽ ٻين حالتن ۾ ساڳيو رهندو آهي. زبر وارَن مونث اسمن کي جمع ڪرڻ وقت ’آن‘ پڇاڙي لڳائي ويندي آهي. جيئن کٽ-کٽان وغيره.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.