ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي پنھنجي ھٿ سان لکيل بياض ۾ پنھنجو نالو ’ابو طالب‘، قوم اعواڻ العلوي قطب شاھي ڄاڻايو آھي. حضرت غوث اعظم سان بيحد عقيدت ھيس. ھن مولود ۽ مداحون چيون آھن. سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ ڪلام چيائين. سندس باري ۾ وڌيڪ معلومات ميسر ڪانهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ابو طالب اعواڻ قطب شاھي : (Sindhianaسنڌيانا) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.